حيدرآباد ويندڙ ڪار سيلابي ريلي ۾ غائب،زال مڙس،4 ٻارن سميت 7 ڄڻا لاپتا

حيدرآباد ويندڙ ڪار سيلابي ريلي ۾ غائب،زال مڙس،4 ٻارن سميت 7 ڄڻا لاپتا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ مسافر ڪار ايم نائن لنڪ روڊ تي ٻوڏ ۾ ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ مڙس، زال ۽ 4 ٻارن سميت 7 ڄڻا لاپتا ٿي ويا. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته تباهه ٿيل گاڏي هٿ ڪري ورتي آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. لنڪ روڊ تي حادثي جو شڪار ٿيل ڪار جي ڊرائيور جي ڀاءُ حافظ عبدالحئي جو چوڻ آهي ته منهنجو ڀاءُ حيدرآباد اچي رهيو هو، ڀاءُ سان ٻيهر رابطو نه ٿيو. ٻئي طرف ٿڌڙي درياهه جي سيلابي وهڪري ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل 3 ٻارڙا بچي ويا. هوڏانهن ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ ٽنڊي الهيار سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جي لطيف آباد نمبر 7 انڊر پاس ۾ ٻوڏ اچي وئي، جڏهن ته لطيف آباد نمبر 2 ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سڀاڻي تائين تيز برسات جو سلسلو جاري رهندو. سنڌ جي شهري علائقن ۾ به شهري ٻوڏ جو خدشو آهي، جڏهن ته بلوچستان جا هيٺيان علائقا به پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي. ڏکڻ پنجاب ۽ لوئر خيبرپختونخواهه جي ندين ۾ به ٻوڏ جو خطرو آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو