ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا حنا الطاف کي دبئي جي گولڊن ويزا ملي وئي.پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستاني اداڪارا کي دبئي جي گولڊن ويزا متحده عرب امارات جي حڪومت طرفان ڏني وئي آهي.حنا الطاف ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي تصوير شيئر ڪندي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته يو اي اي هميشه منهنجي دل جي تمام ويجهو رهيو آهي ۽ هاڻي مان ان کي باضابطه طور پنهنجو ٻيو گهر چئي سگهان ٿي.










