لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز سان ملاقات ٿي آهي.حمزه شهباز قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ سان ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ملاقات ڪئي. حمزه شهباز شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ واپس روانو ٿي ويو آهي.ان کان علاوه مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌرجي اڳواڻ شهباز شريف کي ڪوٽ لکهپت جيل ۾ ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي.69 ساله شهباز شريف کي جناح اسپتال جي ايم ايس جي نگراني ۾ ڪورونا کان تحفظ جي ويڪسين لڳائي وئي.










