حليم عادل شيخ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پيش ،رها ڪرڻ جوحڪم

حليم عادل شيخ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ پيش ،رها ڪرڻ جوحڪم

ڪراچي ( ن سنڌيار) سنڌ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيشي دوران ڪارڪنن جا زور دار نعرا حليم عادل شيخ پاڻ خود زرداري خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ حليم عادل شيخ کي پيش ڪرڻ بعد ڪورٽ پنجاھ ھزار روپين جي مچلڪو جمع ڪرائڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو ڄامشورو مان گرفتار ڪيل پيخٽي آئي اڳواڻ کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو جتي سرڪاري وڪيل پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ ڄاڻي واڻي پنهنجو بيان جمع نه پيو ڪرائي ۽ سندس حليم عادل شيخ کي 1991 ۾ چار ايڪڙ زمين پولٽري فارم عيوض ڏني ھئي جيڪا اھيا زمين ڪنهن ٻي مقصد لاء استعمال نٿي ٿي سگھي سرڪاري وڪيل چيو ته حليم عادل شيخ کي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود به پيش نه ٿيو ھوڏانھن حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته مون مٿان سنڌ سرڪار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مون کي پريشررائيڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آهن جڏهن ته آئون عمران خان جو سپاھي آھيان حليم عادل شيخ چيو ته جڏهن کان مون اينٽي ڪرپشن واتن گرفتار ڪيو آهي تڏهن کان ماني ۽ ميڊيسن نه ڏني آهي ھن وڌيڪ چيو ته آئون زرداري ۽ ان جي پوري ٽيم کي آگاھ ڪيان ٿو ته مون مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ بند ڪيو نه ته ان جو انجام برو ٿيندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو