ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آئي جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهر ۾ ڊسٽرڪٽ ويسٽ پوليس ڪارروائي ڪئي جنهن جو سبب به سامهون اچي ويو پوليس جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ ويسٽ پوليس سان ان ڪارروائي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس به گڏ هئي پوليس ٻڌايو ته حليم عادل شيخ جي خلاف گلشن معمان ۾ زمين تي قبضي جو ڪيس آهي ۽ انهيٰءَ ڪيس جي حوالي سان پڇاڳاڇا لاءِ ويا پوليس ٻڌايو ته حليم عادل شيخ جي خلاف گلشن معمار ٿاڻي تي گذريل ڏينهن ڪيس داخل ٿيو ڪيس ۾ اقدام قتل ۽ دهشتگردي سميت ٻيا قلم شامل آهن پوليس مطابق ڪيس ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي آفيسرن جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ڪيس زمين تي قبضو ڇڏائڻ دوران فائرنگ ۽ وڳوڙ تي داخل ٿيو پوليس جو چوڻ هو ته ڪيس داخل ٿيڻ تي ويسٽ ضلعي جي پوليس حليم عادل شيخ جي گهر آئي پوليس اڃا تائين ڪنهن به شخص کي حراست ۾ ناهي وٺي سگهي.










