ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ڄامشورو مان گرفتاري وراي مامري تي پي ٽي آءِ ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيوته پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو جمع ٿي ويا پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ۽ گوڙ بعد سنڌ اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا










