حليم عادل خلاف غير قانوني ڪارروائي روڪڻ جو حڪم برقرار

حليم عادل خلاف غير قانوني ڪارروائي روڪڻ جو حڪم برقرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ٻين ادارن کي حليم عادل خلاف غير قانوني ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم برقرار رکيو ۽ سندس گهر وارن کي به حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهر تي پوليس ڇاپي ۽ ڳجهن ڪيسن جي اندراج خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت جي حڪم تي حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ تي ڪيترا ڪيس داخل آهن؟ پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته حليم عادل شيخ خلاف ڪيسن جو انگ معلوم ناهي، جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي.ايف آءِ اي، نيب، اينٽي ڪرپشن به جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.عدالت ايف آءِ اي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪيس داخل آهي يا انڪوائري هلي رهي آهي ته جواب جمع ڪرايو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي ۽ نيب کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت، وفاقي حڪومت، نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي لاڳاپيل آفيسرن کي به پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.عدالت حليم عادل خلاف داخل ڪيسن ۽ انڪوائرين جا تفصيل به طلب ڪري ورتا ۽ حليم عادل شيخ کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري کان ڇوٽ ڏني.عدالت ڌرين کي 22 ڊسمبر تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو