ڪراچي (اسٽاف رپورٽر )تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان سنڌ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خصوصي ملاقات ڪئي. سنڌ جي سياسي صورتحال ۽ تازين مڪاني چونڊن جي حوالي سان اهم معاملن تي کيس بريف ڪيو، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن جي انتهائي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ۽ سنڌ حڪومت جي انتقامي ڪارواين کان هن خان کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي انتهائي خراب ڪارڪردگي ۽ نتيجن کي مڪمل رد ڪريون ٿا. چيئرمين سنڌ اپوزيشن ليڊر کي هدايت ڪئي ته معاملي کي پوري قوت سان صوبائي تنظيم سان اٿاريو وڃي. تحريڪ انصاف جي ذميوارن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن خلاف سنڌ حڪومت جي انتقامي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. سنڌ حڪومت پاران پوليس ۽ انتظاميه جي مدد سان ڪارڪنن ۽ اهلڪارن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گرفتارين جي به سخت مذمت ڪجي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي فاشزم کان نه ڊڄڻ ۽ سخت عوامي ردعمل جو اظهار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سنڌ جي مينڊيٽ کي، خاص ڪري ڪراچي کي پيپلز پارٽي جي بدمعاشي ۽ اليڪشن ڪميشن جي نااهلي جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ قانوني دائري ۾ رهندي مزاحمت ڪبي.










