لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس مزمل اختر شبير حق مهر جي ادائيگي بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي نئون قانوني نقطو طئي ڪري ڇڏيو آهي. عدالت قرار ڏنو ته حق مهر زال جو بنيادي قانوني حق آهي، جنهن جي ادائيگي مڙس تي لازم آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته حق مهر جي مڪمل ادائيگي تائين زال کي اهو اختيار حاصل آهي ته هوءَ مڙس کان ڌار رهي سگهي ٿي. نڪاح کانپوءِ مڙس تي زال جي کفالت ۽ نان نفقو (گذر سفر جي خرچ) جي مڪمل ذميواري عائد ٿئي ٿي. جسٽس مزمل اختر شبير، عرفان سرفراز جي آئيني درخواست تي 10 صفحن تي مشتمل تحريري فيصلو جاري ڪندي اپيليٽ ڪورٽ جي اختيارين خلاف داخل درخواست کي خارج ڪري ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته درخواستگذار ماتحت عدالتن جي فيصلن ۾ ڪنهن به آئيني اختيار جي خلاف ورزي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ثبوتن جو جائزو وٺڻ فيملي ڪورٽ جو اختيار آهي ۽ اهو اختيار قانون موجب صحيح طريقي سان استعمال ڪيو ويو. عدالت موجب، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته هن چار ڪنال زرعي زمين جي عيوض چار لک رپيا ادا ڪيا هئا، پر هو ان ادائيگي جا ڪي به مڃڻ جوڳا ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪو به عقلومند ماڻهو اهو تسليم نه ڪندو ته ايڏي وڏي رقم بغير ڪنهن رسيد يا ثبوت جي ادا ڪئي وئي هجي. ان کان علاوه، درخواستگذار ٻن شاهدن جو ذڪر ته ڪيو پر کين عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو. رڪارڊ موجب، درخواستگذار جي شادي 2015ع ۾ ٿي هئي، جڏهن ته عورت 2016ع ۾ حق مهر طور پنج تولا سون، چار ڪنال زرعي زمين ۽ پنج مرلا مڪان جو دعويٰ دائر ڪيو هو. اپيليٽ ڪورٽ درخواستگذار کي چار ڪنال زرعي زمين ۽ پنج تولا سون ادا ڪرڻ سان گڏ ڏاج جي مد ۾ ٽي لک رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. عدالت اهو پڻ نوٽ ڪيو ته پنجن مرلن جي پلاٽ جي ادائيگي بابت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن تصديق ڪئي، تنهنڪري ان حد تائين ماتحت عدالت جو فيصلو درست قرار ڏنو ويو.










