ڪراچي (رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن رين ايمرجنسي ڄامشورو گيانچند ايسراڻي خانپور ۽ ڪوٽڙي ۾ سنڌو درياهه جي حفاظتي بندن جو دورو ڪري سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري جو جائزو ورتو.ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته روايتي طور خانپور ۽ ڪوٽڙي ۾ راس واهه موري ڀرسان حفاظتي بند حساس رهيو آهي. هن وقت ڪوٽڙي بئراج مان چار لک ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي. درياهه جا بند محفوظ آهن، ماڻهن کي گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي. آبپاشي کاتو ۽ ضلعي انتظاميا 24 ڪلاڪ بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن. هن چيو ته 2010 ۾ 8 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي آساني سان ڪوٽڙي بئراج مان گذري چڪو آهي، هن سال 5 کان 6 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.










