سيوهڻ (ن س )صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جو 771 هون ڇهن ڏينهن وارو عرس اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، زائرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي.سيوهڻ شريف سنڌ جو عظيم روحاني مرڪز آهي جتي هر وقت فقيرن، عقيدتمندن ۽ زائرين جو ميلو لڳندو آهي، هتي هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي انداز ۾ حضرت لعل شهباز قلندر کي عقيدت ۽ احترام سان سرشار نظر اچي ٿو، جنهن ڪري حضرت لعل شهباز قلندر جو عرس آهي. قلندر صاحب سڄي عمر پنهنجي شاعري ۽ تصوف جي ذريعي الله جي وحدانيت جو درس ڏنو.گورنر سنڌ حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي گلن جي چادر چاڙهي افتتاح ڪندو، انتظاميا پاران سيڪيورٽي جا به غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.ٽن ڏينهن واري عرس دوران ملاڪا ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ مقابلا پڻ ٿيندا، جڏهن ته عرس جي آخري ڏينهن تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهائيندو.










