بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن يعني سرسو جي ضلعي مينجر جميل احمد سميجو چيو آهي ته سرسو ۾ ڪم ڪندڙ ھڪ عورت ڪرن خواجا طرفان مٿس جنسي طور حراسان ڪرڻ جو لڳايل الزام ڪوڙو ۽ من گهڙت آهي. هن روزاني سنڌيار ۾ 2 ڊسمبر تي شايع ٿيل خبر کي هڪ طرفي قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ سندس موقف شامل نه ڪيو ويو هو. جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي، سنڌيار جي نمائندي سرسو بدين جي آفيس ۾ رابطو ڪيو هو پر لاڳاپيل آفيسر جي مصروف هئڻ جو ٻڌايو ويو هو. شايع ٿيل خبر مطابق ڪرن خواجا جي مڙس مشتاق جکرو حراساني جو الزام هڻندي سندس گهر واري کي نوڪري مان ڪڍڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. جميل سميجو جو چوڻ آهي ته ھر سال جيان ھن سال به اداري جي آڊٽ ٽيم آئي ھئي جنهن کي ڳوٺاڻن طرفان شڪايتون وصول ٿيون ته اسان ڳوٺاڻن کي گھرن جي اڏاوت لاء امدادي رقم ۽ ڪاروبار لاء بناوياج جي قرض ڏيڻ تي انهن کان رشوت ورتي آهي آڊٽ ڪميٽي اھڙي رپورٽ اسان جي ھيڊ آفيس کي رواني ڪئي جتان کان مون سميت ڏھن ڄڻن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو جاچ مڪمل ٿيڻ تي اداري جي ٽن ملازمن جن ۾ مون تي الزام ھڻندڙ عورت ڪرن خواجا مسمات انيلا ۽ آصف تي ڳوٺاڻن کان رشوت وٺڻ جا ثبوت مليا جنهن تي ھيڊ آفيس طرفان ھنن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي. جميل سميجو ٻڌايو ته ڪرن خواجا مونتي انھي ڪري الزام تراشي ڪري رهي آهي ته ھو سمجهي ٿي مون ھنن جي شڪايت ڪئي جنهن ڪري ھنن جي نوڪري ھلي ويئي آهي جنهن ۾ ڪابه صداقت نه آهي ھن ٻڌايو ته مسمات ڪرن خواجا مون تي بي بنياد الزام مڙھي سوشل ميڊيا ذريعي منهنجي تذليل ڪئي آهي جنهن لاء مون ايف آئي اي سائبر ڪرائم ۾ ھن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاء درخواست پڻ ڏني آهي جتي جاچ شروع ٿي ويئي آهي. ياد رهي ته هي معاملو سوشل ميڊيا تي به بحث جو موضوع رهيو آهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون تنزيلا ام حبيب قمبراڻي نوٽيس وٺندي سرسو جي سي او محمد ڏتل ڪلھوڙو کي ليٽر لکي جاچ ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ جي ھدايت به ڪئي آهي.










