حد دخلي ڪندڙ جو سامان ضبط ڪيو ويندو؛ اسسٽنٽ مختيارڪار

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) اسسٽنٽ مختيارڪار جاويد انور ڪورائي، اينٽي اينڪروچمينٽ جو ايس ايڇ او ظفر پنهور ۽ ٽائون انتظاميه پاران شهر جي مختلف چوراهن، بازارن جنهن ۾ شاهي بازار، ريشم گلي، ٺاروشاهه روڊ، پڊعيدن روڊ، الله وارو چوڪ، اسپتال روڊ ۽ ٻين جڳهن تي آپريشن ڪري حد دخليون هٽائي ڇاپرا ڊاهيا ويا.

ان موقعي تي اڳواڻن صحافين کي ٻڌايو ته شهرين جي شڪايتن تي اڄ اسان ڪارروائي ڪئي آهي ۽ اسان دڪاندارن کي وارننگ ڏني  آهي ته جيڪڏهن توهان ٻيهر پنهنجو سامان حد کان ٻاهر رکيو يا ٻي ڪا حد دخلي نظر آئي ته ان خلاف سڌي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي ۽ ان سان گڏ ان جو سامان پڻ ضبط ڪيو ويندو. هنن چيو ته اسان دڪاندارن ۽ ريڙهن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته جيڪڏهن هنن ٻيهر قبضي يا حددخلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو