سکر(جئيرام داس )حد دخلين خلاف آپريشن ۾ تيزي انتظاميا اتر سنڌ جي وڏي نجي اسپتال سيل ڪري ڇڏي. آبپاشي کاتي سکر۽ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ايريگيشن جي زمين تي حد دخلين ذريعي تعمير ٿيل ڪچن توڙي پڪن گھرن ۽ دوڪانن سميت ھوٽلن کي ڊاھڻ لاءِ ھلندڙ آپريشن ۾ تيزي آڻيندي ورڪشاپ روڊ تي قائم حرا ميڊيڪل سينٽر ۽ ايس ايس ڊي اسپتال کي سيل ڪري نون ايندڙ مريضن کي اسپتال انتظاميا طرفان واپس ڪيو پيو وڃي باقي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل مريضن کان سواءِ ٻين مريضن کي انتظاميا طرفان لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ڏانھن ريفر ڪرڻ شروع ڪيو آھي ضلعي انتظاميا طرفان اسپتال جي مين گيٽ کي شاميانو ھڻي سيل ڪرڻ کان بعد اسپتال جو سائن بورڊ پڻ ھٽايو ويو آھي ھوڏانھن آبپاشي عملي پوليس ۽ سول انتظاميا سان گڏجي سٽي پوائنٽ وٽ کيرٿر جي ساڄي ڪپ ۽ ملٽري روڊ جي وچ ۾ تعمير ٿيل گھرن ھوٽلن ۽ دوڪانن کي نشان لڳائي ڊاھڻ جون تياريون ڪري ورتيون آھن رھواسين پاڻ مرادو گھرن ۽ دوڪانن کي خالي ڪري پنھنجو سامان کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي.واضع رھي ته 19 نومبر تي سنڌ ھاءڪورٽ بينچ سکر جي آرڊر بعد 20 نومبر تي ڊپٽي ڪمشنر سکر طرفان ڊي ايڇ او سکر ۽ ميڊيڪل سپرنڊنٽ سول اسپتال سکرکي ليٽر ذريعي چيو ھيو ته ڄاڻايل اسپتالن مان مريضن کي شفٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن آچر ڏينهن اسسٽنٽ ڪمشنر سکر ورڪشاپ روڊ تي قائم ٻنھي وڏين اسپتالن جي مين گذرگاھن کي سيل ڪري ڇڏيو آھي.










