حد دخلين بهاني غريبن جا گهر ڊاهڻ بند ڪريو، يونين

ٽنڊومحمدخان(لال بخش سٺيو) سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين سان لاڳاپيل نيشنل ٽريڊيونين فيڊريشن جي ضلعي اڳواڻن اخترسٺيو، عباس سٺيو، محمدبخش ٽالپر احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن وقت ڦليلي ۽ اڪرم واهه جي ڪنڌي تي ٺھيل غريبن جي گهرن کي حد دخلين جو نالو ڏئي مسمار ڪيو پيو وڃي ان ڳالهه ۾ به صداقت آھي ڇاڪاڻ ته ڪجهه با اثر ۽ قبضا مافيا انهن پلاٽن تي قبضو ڪري وڪرو ڪيا ۽ واهن جي ٻنهي ڪنڌين تي هزارين غريب مسڪين ماڻھو جن وٽ اجها اڏي ويهڻ لاءِ ڪا جاءِ ۽ پلاٽ نه هو رهائش پذير آھن ۽ هن وقت انهن غريبن جي اجهن کي بلڊوز ڪري کين اٿارڻ ناانصافي آهي. هنن چيو ته پنهنجي ئي ڌرتي تي ڌرتي ڌڻي ڌاريا بڻيل آھن ۽ ڌارين کي ته جاگيرن جو مالڪ بڻايو پيو وڃي ڪجهه سالن ۾ ڌرتي ڌڻين کي ڪنهن قبرستان ۾ قبر جيتري به جاءِ نه ملندي.

واضح رهي ته ڦليلي واھ جي ڪنڌي تي ڪيترن ئي سالن کان آباد غريب جي گھرن ۽ مسجدن  کي سنڌ سرڪار پاران حددخلين جي بھاني بلڊوزر، ڪرين مشين سان رينجرس ۽ پوليس جي نگراني ھيٺ ڊاھي پٽ ڪيو ويو آهي. سخت سردي جي موسم م غريب معصوم ٻارڙن تي به ڪنهن کي رحم نه آيو.غريب روڊن تي تنبو ھڻي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جڏھن ته متاثرين  تڪ جي چونڊيل ايم اين اي سيد نويدقمر ۽ ايم پي اي عبدالڪريم سومرو جن جو گھيرا ڪيو ته کين مجبورن گاڏي مان لھڻو پيو ۽ متاثرين جون ڳالھيون ٻڌڻيون پيون پر اڃان تائين سندن ڪيل ڳالھين مان ڪو کڙ تيل ناھي نڪتو. ھوڏانهن حددخلين بهاني گھرن کي مسمار ڪرڻ وارو عمل پڻ جاري آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو