حج درخواستن جي وصولي جي تاريخ ۾ واڌ

حج درخواستن جي وصولي جي تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وزارت حج درخواستن جي وصولي جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته حج درخواستن جي وصولي جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻي مقرر ڪيل بينڪ سومر 18 آگسٽ تي حج درخواستون وصول ڪندا رهندا.مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب، 12 ڏينهن ۾ 110,000 کان وڌيڪ حج درخواستون وصول ڪيون ويون.مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو ته سرڪاري حج اسڪيم ۾ 7,000 سيٽون باقي آهن، هڪ ڏينهن جي واڌ “پهرين اچو، پهرين حاصل ڪريو” جي بنياد تي آهي.ترجمان موجب، سيٽون ڀرجڻ سان ئي حج درخواستن جي وصولي بند ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو