گم ٿي ويل ماڻهن ۾ شامل شخص گهرو وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث

گم ٿي ويل ماڻهن ۾ شامل شخص گهرو وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) چئن گم ٿي ويل ماڻهن ۾ شامل شخص صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث نڪتو، پوليس رپورٽ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست اڪلائي ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 4 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي، گم ٿي ويل ماڻهن ۾ شامل شخص صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ملوث نڪتو پوليس عبداللطيف جي گرفتاري بابت عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عبداللطيف گم نه ٿيو آهي پر صوبائي وزير جي گهر کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ مورو ۾ گرفتار آهي. عدالت اورنگي ٽائون جي علائقي مان گم ٿي ويل شهري جي بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي، پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ملير ٿاڻي ڪينٽ جي علائقي مان گم ٿي ويل شهري محمد عرفان گهر واپس اچي ويو آهي، عدالت پوليس رپورٽ تي ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته نور محمد ۽ عبدالقدير سٽي جي علائقي مان 2012 کان گم آهن. گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت اڳڀرائي نه ٿي رهي آهي عدالت ٻنهي گم ٿي ويل ماڻهن جي بازيابي بابت معاملو مسنگ پرسن ڪميشن ڏانهن اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو