ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته ڌانڌلي کي روڪيو وڃي ۽ 11 يو ايس سي ۾ چونڊون ڪرايون وڃن.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته اليڪشن جو عمل وڏي مشڪل سان شروع ٿيو هو، جڏهن کان اليڪشن ٿي آهي، سڄو عمل رڪجي ويو آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان ڪجهه قدم کنيا وڃن ته لڳي ٿو انصاف ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه وقت کانپوءِ لڳي ٿو ته پ پ سان ملي ڀڳت آهي.حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته يوسي 6 جي ٻيهر ڳڻپ ٿي، جتان جماعت اسلامي جو اميدوار ڪامياب ٿيو، ڏهن عمارتن ۾ 19 پولنگ اسٽيشنون هيون، جماعت اسلامي جا 350 ووٽ رد ٿيا.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن پهريون ٿيلهو نڪتو ته ڦاٽي ويو، جماعت اسلامي هڪ ووٽ به نه ڏيندي.هن اهو به چيو ته مردم شماري جو نظام به بيٺو آهي، اهو ڪم نه پيو ڪري، آن لائين رجسٽريشن بار بار بند ٿي وڃي ٿي، مطالبو آهي ته آن لائين رجسٽريشن جو عمل سڄو مهينو جاري رکيو وڃي، ان جي بنياد تي آدمشماري ڪرائي وڃي، جتي ڪٿي آدمشماري ڪرائي وڃي.










