حافظ آباد ۾  پي ٽي آءِ جي 60 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

حافظ آباد ۾ پي ٽي آءِ جي 60 ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

حافظ آباد (ويب ڊيسڪ)حافظ آباد ۾ پي ٽي آءِ جي 60 ڪارڪنن تي ڪيس داخل، 5 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن تي حڪومت خلاف احتجاج ۽ ڀڙڪائڻ جو الزام آهي.هوڏانهن تحريڪ انصاف سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته پوليس سڄي سنڌ ۾ 20 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ لاءِ بي بنياد ڇاپا هنيا پيا وڃن.ريسڪيو 1122 خيبرپختونخواهه موجب حسن ابدال پوليس سندن 3 اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. هڪ فائر گاڏي پڻ تحويل ۾ آهي.ان کان علاوه پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا پيٽيل باغ ۾ تحريڪ انصاف جو صوبائي سيڪريٽريٽ سيل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو