حافظ آباد (ويب ڊيسڪ)حافظ آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر سميت 45 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.ايف آءِ آر جي متن موجب حماد اظهر تي تقرير دوران حڪومت جي توهين جو الزام آهي.ڪيس ۾ اڳوڻو ايم اين اي شوڪت ڀٽي، ايم پي اي ضمير الحسن ۽ ضلعي صدر کي به نامزد ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امر گجر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










