حاضري تي پيش نه ٿيڻ تي جکراڻي تي 10 هزار ڏنڊ

حاضري تي پيش نه ٿيڻ تي جکراڻي تي 10 هزار ڏنڊ

سکر (بيورو رپورٽ) اليڪشن ٽربيونل جي جج جنيد غفار جي عدالت پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي جي ڪاميابي خلاف پي ٽي آءِ اميدوار عبدالرزاق کوسو جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ سندس وڪيل پيش نه ٿيا جڏهن ته درخواستگذار عبدالرزاق کوسو وڪيل همايون شيخ سان گڏ پيش ٿيو. وڪيل همايون شيخ چيو ته ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ سندس وڪيل ڪيس کي ڄاڻي واڻي ڊيگهه ڏئي رهيا آهن ان ڪري حاضري تي پيش نٿا ٿين. اليڪشن ٽربيونل پ پ ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ سندس وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ممتاز جکراڻي مٿان 10 هزار ڏنڊ وجهي ڇڏيو، اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايم پي اي ممتاز جکراڻي ۽ سندس وڪيل کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو