حارث وحيد، مريم فاطمه سان طلاق جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

حارث وحيد، مريم فاطمه سان طلاق جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪار حارث وحيد پهريون ڀيرو پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهائيندي اداڪاره مريم فاطمه سان طلاق بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي. حارث وحيد تازو ئي ’احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ‘ ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن پنهنجي ذاتي ۽ فني زندگي جا مختلف پهلو کلي دل سان بيان ڪيا. اداڪار ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ کيس باڊي شيمنگ جو نشانو بڻايو ويو هو. هڪ پروڊڪشن هائوس جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کيس صلاح ڏني هئي ته هو پنهنجا بائسپس بهتر ڏيکارڻ لاءِ انجڪشن لڳرائي ۽ ڪجهه رنگ گورو ڪندڙ ڪريمن جو به نالو ٻڌايو، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو. طلاق بابت ڳالهائيندي حارث وحيد چيو ته هو پنهنجي طلاق لاءِ تيار نه هو. هن موجب، طلاق جو سبب اهو نه هو ته هو ٻئي ساڳي انڊسٽري سان لاڳاپيل هئا، پر اهو هڪ ذاتي ۽ باهمي فيصلو هو. اداڪار چيو ته جيڪڏهن زندگي ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون ته اها ڪا عجيب ڳالهه ناهي، ڇو ته زندگي جو اهو ئي طريقو آهي. هر ماڻهو کي ڏک ۽ مشڪلاتن مان گذرڻو پوي ٿو۔. هن چيو: “مون ساڻ ڪجهه به الڳ نه ٿيو، سڀني سان ائين ئي ٿيندو آهي.” حارث وحيد وڌيڪ چيو: “اهو ضرور آهي ته جڏهن اهو سڀ ٿيو، مون کي ڏک ٿيو، پر اهو هر ڪنهن سان ٿيندو آهي۔ زندگي جو نالو ئي اهو آهي، اسان کي جيئڻو آهي، مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻو آهي، ۽ آخرڪار مرڻو به آهي۔ هي سڀ زندگي جو حصو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته هن پاڻ کي اهو سوچي تسلي ڏني ته “جيڪو ٿيو، اهو ٿيڻ ئي هو. ياد رهي ته حارث وحيد ۽ مريم فاطمه جي شادي 2018 ۾ ٿي هئي، جڏهن ته 2022 ۾ ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو