حارث رئوف انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر

حارث رئوف انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽر حارث رئوف انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ حارث رئوف جي پاڪستان انگلينڊ ٽيسٽ سيريز مان ٻاهر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.پي سي بي چيو آهي ته حارث رئوف کي ٽنگ جي ساڄي پاسي تي دٻاءُ محسوس ٿي رهيو آهي، راولپنڊي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن حارث رئوف جو ايم آر آءِ اسڪين ڪيو ويو.پي سي بي موجب حارث رئوف جلد لاهور ۾ بحالي جو پروگرام شروع ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو