حادثي ۾ فوت ٿيلن جي خون بھا واري رقم وڏيرو کائي ويو

ڏھرڪي (قادر خان جٽ) روڊ حادثي ۾ ڏھرڪي واسين جي ھڪ ئي گهر جي فوت ٿيل پنج ڀاتين جو مليل معاوضو تر جو بااثر وڏيرو ڦٻائي ويو، متاثرھ خاندان جو انصاف لاءِ احتجاج، وڏيري خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. متاثرن ميڊيا کي ٻڌايو تھ سال پھريان ڪنڌڪوٽ ۾ ڏھرڪي رھواسي عبدالمنان مھر پنھنجي فيملي سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رھيو ھو تھ سامھون ايندڙ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ سڀ شھيد ٿي ويا ھئا، جن جو معاوضو ٽرڪ مالڪ ست لک روپيا اسان کي ڏنا. پنھنجو بئنڪ اڪائونٽ نه ھجڻ ڪري اسان پنھنجي برادري جي وڏيري سائين بخش عرف سوائي مھر جي  بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا. ھاڻي وڏيرو سائين بخش عرف سوائي اسان کان عبدالمنان مھر جي ٻارھن سالن جي ڌي جو سڱ گهري رھيو آھي. انڪار ڪرڻ تي وڏيرو مڇرجي پيو آھي پئسا نه ٿو ڏيئي ۽ اسان کي پوليس معرفت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي.  اسان مسڪين آھيون انصاف فراھم ڪري يتيم ٻارڙن جا پئسا يتيمن کي ڏياريا وڃن. مسمات ربل. ساجد مھر ۽ روشن مھر جو يتيم ٻارڙن سان پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو ڪري انصاف جي اپيل ڪئي ۽ چيو تھ وڏيري خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو