سوسائٽي(غلام رسول مھر) سينئر صحافي تجزيه نگار سنڌيار اخبار جي سرواڻ اعجاز مھر جي چاچي مرحوم حاجي گل حسن مھر جي وفات تي صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مھر ۽ زبردست خان مھر ڳوٺ عارب مھر پھچي تعزيت ڪئي ساڻن تر جون معزز شخصيتون به ساڻ ھيون. هنن مرحوم جي وڏي پٽ عبدالرسول مهر، ابوالحسن، عبدالوحيد سان تعزيت ڪئي. ياد رهي ته مرحوم حاجي گل حسن مهر 11 فيبروري تي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ بيماري سبب فوت ٿي ويو هو. مرحوم جي عمر 74 سال هئي.










