جڏھن بينظير ڀٽو کي فلم ’پاڪيزا‘ ڏسڻ لاءِ سينما وڃڻو پيو

جڏھن بينظير ڀٽو کي فلم ’پاڪيزا‘ ڏسڻ لاءِ سينما وڃڻو پيو

ليکڪ:  ريحان فضل

اڄ کان ٺيڪ 49 سال اڳ  2 جولاءِ تي هندستان ۽ پاڪستان شملا معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان وقت هندستان ۾ توجھه جو مرڪز  بينظير ڀٽو هئي جيڪا بعد ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان وقت سموري توجہ معاهدي جي بدران بينظير ڀٽو تي هئي. بينظير ڀٽو ان وقت پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو سان هندستان جي دوري تي هئي. اصل ۾ ذوالفقار علي ڀٽو 1972 ۾ پنهنجي زال بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ انڊيا-پاڪستان جي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ وارو هو. پر بيگم نصرت ڀٽو جي طبيعت خراب ھجڻ جي ڪري ذولفقار علي ڀٽو پنھنجي 19 سالا ڌيء بينظير ڀٽو کي پاڻ سان گڏ انڊيا وٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو۔ بينظير ڀٽو پنهنجي موڪلون گذارڻ لاءِ آمريڪا کان پاڪستان آئي هئي.

بينظير ڀٽو پنهنجي سوانح عمري “اوڀر جي ڌيء / Daughter of East”  ۾ تفصيل سان لکيو آهي  ته هن جي والد انڊيا وڃڻ وقت جهاز ۾  ڇا چيو هو. بينظير لکي ٿي ته هن چيو هو ته  ” انڊيا گهمڻ دوران توکي کلڻ نه گهرجي. بابا چيو هو ته 93،000 جنگي قيدين جي باوجود  مان انڊيا کي خوش ٿيڻ جو موقعو نٿو ڏئي سگهان ۽ تو گهڻو غم زده به نه ڏسڻ ڏجانءِ پاڻ کي ٻئي صورت ۾ انڊين پاڪستان جي تڪليف  جو اندازو ڪري ويندا۔ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو  پنهنجي والد کان پڇيو ته مان ڪيئن نظر اچان؟ ته ذوالفقار علي ڀٽو چيو  ” ته  نه ڏاڍي غم زده ۽ نه ئي ڏاڍي  خوش “. بينظير  صاحبه چيو ته اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جنهن تي ذوالفقار علي ڀٽو جواب ڏنو ” بلڪل به نه”۔

۽ جڏهن اندرا گانڌي کي ڪاوڙ  اچي وئي!

هندستان جي ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌي هڪ ڏينهن اڳ شمله ۾ آئي هئي  جائزو وٺڻ لاء ته ڇا سڀ انتظام مڪمل آھن  ۽ ھماچل  ڀون ۾ پاڪستاني صدر ذوالفقار ڀٽو ۽ هن جي وفد جو ڪيئن آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو؟

پي اين داهر  اندرا گانڌي جو سيڪريٽري لکي ٿو ته  ”اندرا گانڌي ڪاوڙجي وئي جڏهن هن ذولفقار علي ڀٽو جي رھائش لاء مخصوص ڪيل  ڪمري ۾ پنھنجي  تصوير ڏٺي.“ هن جلد ئي اھا تصوير اتان لھرائي  ڇڏي۔  هو لکي ٿو ته اندرا گانڌي چيو هو ، ”مان هميشه چئي سگهان ٿي ته منهنجي نظر پاڪستان جي صدر تي آهي. ايتري تائين جو ان کي  ڪمري  جي ٽوائليٽ جو معائنو ڪندي به خوشي ٿي رهي هئي جو سموريون انڊين شيون ٽوائلٽ ۾ رکيل هيون. پنهنجي ڪتاب ’اندرا گانڌي: ايمرجنسي ۽ انڊين ڊيموڪريسي‘ ۾ داهرجي لکي ٿو ته اندرا گانڌي چيو هو ته ذوالفقار علي  ڀٽي کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هندستاني معيشت پنهنجي شهرين جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

جيئن ئي هيليڪاپٽر شمله هيلي پيڊ تي لٿو ، اندرا گانڌي جي نظر  ان نوجوان ڇوڪري ڏانهن  وئي ۽ هن پنهنجي طرف  ڌيان حاصل ڪري ورتو۔ ملاقات دوران بينظير انهن کي سلام ڪيو جنهن تي اندرا گانڌي کيس مسڪرائي کيڪاريو۔

محترمه بينظير ڀٽو  جي خوبصورتي جي تعريف

بينظير ڀٽو جي پرسنل سيڪريٽري خالد حسن لکي ٿو ته بينظير ڀٽو جي مقبوليت شملا جي دوري ۾ ذوالفقارعلي ڀٽو کان به وڌيڪ هئي. جتي به بينظير  ڀٽو وئي کيس گلن جا ھار پارايا ويا۔  هڪ ڏينهن جڏهن بينظير ڀٽو شمله ۾ مال روڊ تي شاپنگ ڪرڻ لاءِ پهتي ته ماڻهن جي هڪ ميڙ کيس گهيري ورتو هرڪو هن سان ملڻ لاء ، ڳالهائڻ لاءِ آتو ھو پر بينظير خالد کي چيو هو ته هو ڪنهن کي به ملڻ جي اجازت نه ڏي. صرف هڪ هندستاني صحافي  دليپ مکرجي کي ملاقات جي اجازت هئي ڇاڪاڻ ته مکرجي ذوالفقار ڀٽي جي باري ۾ لکيو هو.”منهنجي ڌيءَ  جيڪا بينظير ڀٽو جيتري ئي آهي  ساڻس ملڻ چاهي ٿي ۔ مکرجي خالد کي ٻڌايو. خالد بينظير کان ان بابت پڇيو  جنهن تي هن چيو  “جيڪڏهن توهان مون سان گڏ آھيو ته پوء مکرجي جي ڌيءَ کي  ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏيو۔ مکرجي پنهنجي ڌيءَ کي وٺي  آيو پر بينظير ڀٽو مکرجي جي  ڌيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ۽ ٻڌايو ته هن جي پيءُ بابت لکيل ڪتاب ۾ ڪجهه لفظ صحيح طور تي لکيل نه هئا.

ڪپڙا جيڪي  بينظير ڀٽو کي گھرائڻا پيا

خالد لکي ٿو ته هندستانين کي  اهو احساس ٿيو  ته بينظيرڀٽو کي ان وقت انڊيا جي مقبول فلم ’پاڪيزا‘ ڏسڻ گهرجي. پر بينظير کي فلم ڏسڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي. بهرحال  ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته فلم ڏسڻ کان انڪار سفارتي آداب جي خلاف آهي ۽ نامناسب ٿي سگهي ٿو  بينظير ڀٽو شمله ۾ مال روڊ تي هڪ سينما ۾ “پاڪيزا”  فلم ڏٺي. ان کان پوء هن ويجهي ڪتابن جي دڪان تان چند ڪتاب پڻ خريد ڪيا. بينظير  ڀٽو اھو ڏسي حيران۽ پريشان  ٿي ته سڄي دوري جي دوران انڊين ميڊيا ان جي لباس ۽ پوشاڪ تي ڌيان ڏنو. پر ان وقت تائين  ڪنھن کي به اھا خبر نه ھئي ته  هن اھي ڪپڙا پنھنجي  هڪ دوست جي ڀيڻ ساميا کان گھرايا ھئا۔

بينظير آمريڪا ۾ ٽي شرٽ ۽ جينس پينٽ پائيندي ھئي  ۽ ساڳيو ئي لباس  هن هارورڊ ۾ پڙهائي دوران پاتو ھو۔ ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جو وفد وضاحت نه ڪري سگھيو ته ڇو انڊين ميڊيا بينظير تي تمام گهڻو توجه ڏئي رهي آهي. بينظير ڀٽو کي ڏسي ڪري اندرا گانڌي پنھنجي ماضي کي ياد ڪرڻ لڳي ته ذوالفقار ڀٽو پاڻ جواب ڏنو هو ته بينظير ڀٽو تي ڌيان ڏيڻ سان ڀارت ڇڪتاڻ کان ڌيان ھٽائڻ چاهي ٿو.

بينظير پنهنجي سوانح عمري ۾ لکيو آهي ته هڪ ڳالهه جيڪا مون کي پريشان ڪندي هئي اها آهي ته اندرا گانڌي مون کي هر وقت کاڌي پيتي دوران ڏسندي رھندي ھئي۔ بينظير ڀٽو  انهي مونجهاري کي دور ڪرڻ لاءِ اندرا گانڌي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن صاف انداز ۾ جواب ڏنو ته شايد اندرا گانڌي کي پنهنجو ننڊ پڻ  ياد ايندو ھجي جڏهن هوء  پنهنجي پيءُ جواهر لال نهرو سان گڏ ملاقاتن ۽ اجلاسن  لاءِ ويندي ھئي. شايد اندرا گانڌيءَ  کي پاڻ ۾ بينظير ڀٽو نظر پئي آئي۔

ذولفقار علي ڀٽو جي آخري چال

2 جولاءِ تي  ذوالفقار علي ڀُٽو اوچتو بينظير  ڀٽو کي چيو ”پيڪنگ شروع ڪر اسان سڀاڻي پاڪستان واپس وينداسين.“ ”ڇا توهان بغير ڪنهن معاهدي جي واپس وڃڻ چاهيو ٿا؟“ بينظير پڇيو. ذوالفقار علي ڀٽو چيو ، ”ها مان معاهدي کانسواءِ واپس وڃڻ جو عادي آهيان۔ جنھن شام ذوالفقار علي ڀٽي ۽ اندرا گانڌي وچ ۾ باقائده ملاقات طئه ھئي ان رات کاڌي  جي ميزباني پاڪستاني  وفد ڪئي۔ ذوالفقار علي ڀُٽو  بينظير ڀٽو کي چيو ته ڪنهن کي نه ٻڌاءِ جانءِ  مان ھن ملاقات ۾ اندرا گانڌي سان پنهنجو آخري حربو استعمال ڪرڻ وارو آھيان۔ ٿوري دير کانپوءِ ذوالفقار ڀٽو واپس آيو هن جو چهرو روشن ۽ طاقت نمايان هئي. ”ڏسجي ته هاڻي ڪو معاهدو ٿئي ٿو ،“ هن چيو. انشاالله ، لڳي ٿو ته هاڻي هڪ معاهدو ٿي ويندو۔

ذوالفقار علي ڀٽو بينظير کي ٻڌايو ته اندرا گانڌي پريشاني ۾  پنھنجي پرس سان پئي کيڏندي رھي. هن اهو پڻ چيو ته ھن کي گرم چانهه پسند نه آهي. ان لمحي هن هڪ گهرو  ساھ به کنيو۔ ھي ڳالھيون  اڌ ڪلاڪ تائين جاري رهيون  ۽ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه طعام کانپوءِ به جاري رهي.

پٽ پيدا ٿيو آھي پٽ

انهن ڳالهين جي حوالي سان  پاڪستاني وفد پنهنجي وچ ۾ ڳجهي ٻولي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  يعني جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ۽  معاهدو ٿي ويو  ته چيو ويندو پٽ پيدا ٿيو آھي  ۽ جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو  ته چيو ويندو  ڌيءَ پيدا ٿي آھي۔ بينظير   ڀٽو ان وقت پنھنجي ڪمري ۾ ھئي ۽ رات جا 12:40 جو وقت ھو جڏهن هن جي ڪنن ۾ آواز آيو ته پٽ پيدا ٿيو آھي۔  بينظير ڀٽو ڊوڙندي ڏاڪڻن تان ھيٺ لھي آئي ته اتي صحافين ۽ فوٽوگرافرن جو هجوم هو. هوءَ بعد ۾ پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي وئي. ان وقت تائين پاڪستاني صدر ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌي شمله معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون ھيون۔ (هي ليک بي بي سي هندي سروس جي ريحان فضل 2 جولاءِ تي ٿيل شمله معاهدي جي تاريخي تناظر ۾ لکيو جيڪو بي بي سي اردو تي شايع ٿيو ۽ جاويد سولنگي  سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو. jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو