جڏهن ملڪ ۾ معاشي بحران وڌڻ لڳندو آهي ته حڪمران آڊيو ليڪ ڪري ڇڏيندا آهن شيخ رشيد

جڏهن ملڪ ۾ معاشي بحران وڌڻ لڳندو آهي ته حڪمران آڊيو ليڪ ڪري ڇڏيندا آهن شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ معاشي بحران وڌڻ لڳندو آهي ته حڪمران آڊيو ليڪ ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن بک جي ماريل عوام روڊن تي ايندو ته هنن کي خبر پئجي ويندي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ شيخ رشيد احمد لکيو ته مسئلا ايترا سنگين ٿي ويا آهن جو حڪومت کان ملڪ نه پيو هلي سگهي. وقت کان اڳ چونڊون ئي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کان ڇوٽڪارو آهن. حڪومت دير ڪئي ته گاڏي نڪري ويندي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته ارشد شريف جي قتل کان پوءِ جوڙيل جي آءِ ٽي تي اهم ذميواري اچي وئي آهي ڇو ته ادارا ۽ عدليه ٻئي اهم آهن. 4 ڏينهن لاءِ عمري تي آيل آهيان ڇو ته هتان کان ئي سڀ ڪجهه ملندو آهي.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته 300 روپيه ڪلو بصر ۽ 200 روپيه ڪلو ٽماٽا وڪرو ٿي رهيا آهن غريب ماڻهو ڇا کائيندو؟ زرعي ملڪ غذائي کوٽ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پي ڊي ايم لاءِ عوام آڏو هٿيار اڇلائڻ جو آخري موقعو آهي. راندين تي پابندي، ترسيلات گهٽ، ڊالر جا اگهه وڌي ويا آهن. هن ملڪ ۾ هاڻ مسئلا حل ڪرڻ جو هڪڙو ئي حل آهي ۽ اهو حل وقت کان اڳ چونڊون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو