جڏهن معيشت جو ڦيٿو بيهي ويندو آ تڏهن مونکي گهرايو ويندو آهي: اسحاق ڊار

جڏهن معيشت جو ڦيٿو بيهي ويندو آ تڏهن مونکي گهرايو ويندو آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاد ڊار ملڪ کي پيش اقتصادي چئلنيجز جو مقابلو ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته مونکي تڏهن سڏايو ويندو آهي ته جڏهن معيشت جو ڦيٿو بيهي ويندو آهي.چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ايسوسيئيشن ڪانفرنس کي خطاب دوران ناڻي واري وزير اڳڪٿي ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي گهٽبي ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته ملڪ کي وياججي نظام مان ڪڍي اسلامي نظام آڻيان.هن وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، ايف اي ٽي ايف جي اعلان کان اڳ اسان ڪو اعلان نٿا ڪري سگهون، معيشت جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهيان ۽ آءِ ايم ايف جيڪو معاهدو ڪيو ان تي عمل ڪنداسين.وفاقي وزير چيو ته ڊالر جا اگهه اسٽيٽ بئنڪ جي ذميواري آهي، ڊالر جي اصل قيمت ٻه سئو رُپين کان گهٽ آهي، هٿرادو واڌ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گهٽجي ويندي، هن چيو ته سي پيڪ رٿائن ۾ توانائي وارن منصوبن لاءِ نجي شعبي کان مدد ورتي وئي آهي.اسحاق ڊار چيو ته جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل وٺي سگهي ٿو ته اسان به وٺي سگهون ٿا جڏهن ته روس کان تيل حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت غور ڪري رهي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ايم ايل ون رٿا ڇهه ارب ڊالر ۾ ٺهڻي هئي جنهن لاءِ پاڪستان کي قرض گهربل هو جيڪڏهن ان وقت ٺهي وڃي ها ته ڇهه ارب ڊالر ٺهي وڃي ها پر هاڻ ٻارنهن کان تيرنهن ارب ڊالر خرچ ايندو.هن چيو ته گورننس ۾ بهتري لاءِ ٽيڪنالوجي کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، سڄي دنيا ۾ معيشت جي صنعتڪاري جديد ٽيڪنالوجي تي اچي رهي آهي، اسان ميثاق معيشت جا پهرين ڏينهن کان خواهشمند آهيون.هن چيو ته اسان جتي پهچي چڪا آهيون ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ڪو ملڪ جو سربراهه پاڻ ٻاهرين ملڪ وڃي چوندو ته اسان جو ملڪ خساري ۾ آهي ته ڪير پاڪستان اچي سيڙپڪاري ڪندو، اهڙي صورتحال ۾ ڪو چريو ئي هوندو جيڪو اچي سيڙپڪاري ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو