ايندڙ چونڊون پي پي اڪثريت سان کٽيندي:شرجيل ميمڻ

ايندڙ چونڊون پي پي اڪثريت سان کٽيندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جڏهن به چونڊون ٿينديون پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي دور ۾ توانائي کاتي 2 لک کان وڌيڪ گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪيو.هن چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهيا ۽ سولر سسٽم لڳايو، بلاول ڀٽو هڪ ويزن سان عوام کي رليف فراهم ڪيو آهي، هاڻي هو چاهي ٿو ته باقي صوبن ۾ به گهر ٺاهيا وڃن، اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ سولر سسٽم لڳايو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سي پيڪ جو باني آصف علي زرداري آهي، اسان خلاف ڪيترو به پروپيگنڊا ڪيو وڃي، پيپلز پارٽي سرپرائز ڏيندي.هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ لاءِ بدترين مخالف سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهي، رڳو آصف زرداري ۾ ئي اها صلاحيت آهي ته هو سڀني کي گڏ ويهاري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جو عوام پريشان آهي، بجلي جي مهانگي بلن خلاف عوام ٻاهر اچي رهيو آهي، سمورن مسئلن جو حل پيپلز پارٽي آهي، جيڪڏهن عوام کي مهانگائي جي طوفان مان ڪير بچائي سگهي ٿو ته اها پيپلز پارٽي آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ ڪراچي ۾ به سستي بجلي پيدا ٿي رهي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جون بهترين اسپتالون سنڌ ۾ آهن جتي 100 سيڪڙو مفت علاج ڪيو پيو وڃي ۽ صوبي جي هر ضلعي ۾ دل جي بيمارين جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي، اسان ريسڪيو 1122 جي سروس پڻ ڏني آهي.اڳوڻي چيف جسٽس تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عطا بنديال کي پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها ته ملڪ جا ادارا تباهه ڪيا وڃن. هن سوال ڪيو ته عطا بنديال کي نيب ۽ ڪرپشن جي ايتري ڳڻتي هئي جو هن بي آر ٽي تي اسٽي ڏئي ڇڏيا؟،شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ليول پلينگ فيلڊ جو مطلب آهي ته چونڊون آزاد ۽ شفاف ٿين، ڪنهن به پارٽي کي چونڊن تي اعتراض نه هجڻ گهرجي.هن چيو ته هر پارٽي ۾ ڪي سٺا ۽ خراب ماڻهو ٿي سگهن ٿا، اسان پير پاڳارا صاحب جو دل جي گهراين سان احترام ڪريون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن چونڊن جو اعلان ٿيندو ته ڪنهن سان اتحاد جو فيصلو ڪنداسين، اسان ڪڏهن به اهو نه چيو آهي ته پير پاڳاري سان اتحاد نٿو ٿي سگهي.هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي الڳ الڳ پارٽيون آهن، اسان جا نظريا ۽ سياست جو انداز مختلف آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو