جڊيشل ڪمپليڪس حملو ڪيس، سڃاڻپ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جاچ آفيسر کي 3.30 وڳي تائين سڃاڻپ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جڊيشل ڪمپليڪس تي حملي ۾ گرفتار پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي سڃاڻپ پريڊ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪئي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪارڪنن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.وڪيل بابر اعواڻ، عتيق صديقي، انصاف لائرز فورم جي ٽيم ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر رانا موسيٰ طاهر سڃاڻپ پريڊ لاءِ اڊيالا جيل ويو هو.هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي توهين عدالت ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.عدالت سڃاڻپ پريڊ جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ساڍي 3 وڳي تائين سڃاڻپ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي فيصلو ٻڌائينداسين.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ساڍي 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو