جي ڊي اي سان 6 پي ٽي آءِ ميمبرن جو دوکو، نالا پڌرا

جي ڊي اي سان 6 پي ٽي آءِ ميمبرن جو دوکو، نالا پڌرا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي ڊي اي سينيٽ چونڊن ۾ صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرز جا نالا ظاهر ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ ايم پي اي عمر عُميرِي، ڪريم بخش گبول، بلال غفار، رابستان خان ۽ عباس جعفري طرفان پارٽي جي حمايتي اُميدوار صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، جي ڊي اي ووٽ نه ڏيندڙ پي ٽي آءِ ايم پي ايز جا نالا وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏيا، ايم پي اي نصرت سحر عباسي، شهريار مهر، رزاق راهمون ۽ ٻين جي ڊي اي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ جنرل سيٽ تي پي ٽي آءِ ۽ متحده اُميدوارن جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي شڪ ٿي ويو ته جي ڊي اي سان دوکو ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جي 7 ميمبرز کي جي ڊي اي اُميدوار جي پئنل ۾ شامل ڪيو ويو، اُنهن مان 6 ميمبرز ووٽ نه ڏنا، جي ڊي اي طرفان پي ٽي آءِ قيادت کان وضاحت ۽ ذميوار ايم پي ايز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. صدر الدين شاهه راشدي وزيراعظم سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريندو ۽ ازالو نه ٿيڻ تي هو اعتاد جي ووٽ جو بائيڪاٽ به ڪري سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو