گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) آزادي مارچ ۾ جي يو آءِ پاران پلان بي تحت گهوٽڪي ۾ نيشنل هاءِ وي بند ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ جي يو آءِ جي سوين ڪارڪنن جو چنه پمپ وٽ نيشنل هاءِ وي بند ڪري گو عمران گو جا زوردار نعرا، جي يو آءِ گهوٽڪي جي امير مولانا اسحاق لغاري، مولانا غلام الله هاليجوي، مولانا سراج احمد چنه، مولانا غلام رسول ڪلوڙو، مولانا الهڏنو چنه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل هاءِ وي بند ڪيو ويو جنهن ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين ڳاڏيون بيهجي ويون. جڏهن ته ڌرڻو شروع ٿيڻ شرط برسات به شروع ٿي وئي پر برسات دوران به ڪارڪن پرجوش رهيا.

ان موقعي ته ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پنهنجي قائد مولانا فضل الرحمٰن جي حڪم تحت هي ڌرڻو لڳايو ويو آهي جيڪو قائد جي حڪم تائين جاري رهندو. هنن چيو ته عمران خان کي گهر موڪلڻ تائين جي يو آءِ جا ڪارڪن روڊن تي هوندا اڄ پورو پاڪستان بند آهي. هنن چيو ته اسان جو پر امن ڌرڻو آهي جيڪڏهن حڪومت ڪا گڙٻڙ ڪئي ته ان جي ذميوار وفاقي حڪومت هوندي. ان موقعي ته جي يو آءِ جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته رات روڊ تي گذارينداسين جيستائين قائد جو حڪم ٿيندو اسان روڊ تي هونداسين.










