اتحادن جو تجربو سٺو ناهي، جي يو آءِ اڪيلي سر تحريڪ هلائيندي

اتحادن جو تجربو سٺو ناهي، جي يو آءِ اڪيلي سر تحريڪ هلائيندي

پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) بنا ڪنهن اتحاد جي پنهنجي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ڊي آءِ خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جميعت علماءِ اسلام بنا ڪنهن اتحاد جي پنهنجي تحريڪ هلائيندي.هن چيو ته ماضي ۾ سياسي اتحادن جا تجربا سٺا نه رهيا آهن، اسان نه ڪنهن کي شرمسار ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي پنهنجو ٿيڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ هاڻي پنهنجي اندروني معاملن کي سنجيدگي سان ورتو آهي، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي.جي يو آءِ سربراهه اهو به چيو ته ٻين سياسي پارٽين سان ايشو ٽو ايشو اتحاد ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو