راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) آرمي چيف جي مقرري لاءِ سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جي ايڇ ڪيو چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف لاءِ سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.آءِ ايس پي آر موجب سمري ۾ 6 سينيئر ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا به شامل آهن، جيڪي بچاءَ واري وزارت ڏانهن موڪليا ويا آهن.
GHQ has forwarded the summary for Selection of CJCSC and COAS, containing names of 6 senior most Lt Gens to MoD.
— DG ISPR (@OfficialDGISPR) November 22, 2022










