اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هڪ طرف چون ٿا ته ٻوڏ آئي آهي، سياست نه ڪريو ته ٻئي طرف منهنجي پارٽي کي ڪيرائڻ شروع ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مون سڀ ڪجهه آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪيو. هن چيو ته هن وقت ٻوڏ تي سياست ڪئي پئي وڃي، هي اسان کي چئي رهيا آهن ته ٻوڏ آئي آهي ان ڪري سياست نه ڪريو، ٻئي طرف هنن منهنجي پارٽي کي ڪيرائڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي ماڻهو اسان کي ڏيندا هئا. سياسي فنڊنگ کي نقصان پهچايو پيو وڃي. پاڪستان سريلنڪا جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي، حڪومت جڏهن به سڏ ڪندي ته برداشت نه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ تي ئي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي. پنهنجي خلاف دهشتگرديءَ جي ڪيس بابت سوال تي عمران خان چيو ته هي ڪيس دنيا جي سامهون مذاق بڻجي ويو آهي، خبر پئي ته هي ڪيس مذاق آهي.










