جيڪي پي ٽي آئي ڇڏين پيا انهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڇڏڻ وارن کي سلام پيش ڪريان ٿو، فواد چوڌري ۽ علي زيدي پاڻ تي غداري جو ليبل لڳائڻ لاءِ تيار ناهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءَ تارڙ چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٿيڻ ۾ 6 سال لڳي ويا، دير ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪيا ويا، لاڊلي دير وارا حربا استعمال ڪيا نه ته اڄ جيل ۾ هجي ها.هن چيو ته گڊ ٽو ٽو کي رليف نه ڏنو وڃي ها ته ڪالهه عبدالرزاق شر شهيد نه ٿئي ها، هي جرئت ڪٿان اچي ٿي پنهنجي خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ وڪيل کي قتل ڪري؟ عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته ڪالهه مقتول وڪيل جي پٽ کي جوابدار نامزد ڪيو، پهرين ڪرپشن ۽ هاڻي اهو شخص قتل تي اچي ويو آهي، هي ڏوهاري ذهنيت وارا ماڻهو آهن، جن جو وجود رياست کان وڏو آهي.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اسان جي پارٽي جا رڳو 5 ماڻهو پنجاب اسيمبلي ڇڏي ويا، اسان ڪنهن کي به غدار نه چيو ۽ سڀني کي واپس ورتو، اسان وٽ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اميدوار هر هنڌ موجود آهن.هن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ نوان ماڻهو ڀرتي ڪرڻ جي گنجائش ناهي، جهانگير ترين سان مثالي ورڪنگ لاڳاپا آهن، ڪجهه ماڻهو ان سازش جو حصو آهن، انهن کي ڏسي سٺو ۽ غير ضروري رليف ڏنو وڃي، هن چيو ته آمريڪا کان فوجي امداد بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پاڪستان کي F-16 جهاز نه ڏنا.

پهنجو تبصرو موڪليو