اسلام آباد(بيورو)نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪي به رٽائرڊ فوجي آهن، اُهي پنهنجي اداري سان وفادار نه آهن ۽ ڪنهن جي چوڻ تي اداري ۾ ڏڦيڙ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اها افسوس جي ڳالهه آهي، جنهن اداري کين تمغا ۽ عزت ڏني، عمران خان۽ اُن جي پويان موجود هٿ جي چوڻ تي اداري کي گهٽ وڌ ڳالهايو ٿا ته افسوس جوڳو عمل آهي مريم نواز چيو ته رٽائرڊ آفيسرز کي سياست جو شوق آهي ته تمغا اداري کي واپس ڪريو، اُن کانپوءِ ڪنهن سياسي جماعت ۾ شامل ٿي وڃن نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ سمورا دارا وزيراعظم جي ماتحت آهن، عمران خان ادارن کي پنهنجي گندي سياست ۾ گهلڻ کان پاسو ڪري، راڻا ثناءُ الله رستو ڏسي رهيو آهي، پر عمران خان مارچ جي تاريخ نٿو ڏئي مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان معيشت کي آءِ سي يو ۾ ڌِڪي نئين حڪومت لاءِ سرنگون وڇائي ويو، حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي










