جيڪو چوندو هو اڪيلو ئي ڪافي آهيان، اڄ اڪيلو روئي پيو

جيڪو چوندو هو اڪيلو ئي ڪافي آهيان، اڄ اڪيلو روئي پيو

مظفر آباد: (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف چيو آهي ته جيڪو چوندو هو ته مان اڪيلو ئي ڪافي آهيان، هنن کي روئاڙيندس، اڄ اهو اڪيلو روئي رهيو آهي. آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪو شهيدن جي بي حرمتي ڪري، انهن جي يادگارن کي باهيون ڏئي، جيڪو انهن جهازن کي باهيون ڏئي، جنهن دشمنن جي جهازن کي ڪيرايو هو. اهو اسان مان نٿو ٿي سگهي. اهو پاڪستاني به نٿو ٿي سگهي. مريم نواز چيو ته جيڪو اسان جي شهيدن جي يادگار کي باهيون ڏيندو اسان به انهن جو احترام نه ڪنداسين. (ن) ليگ کي ٽوڙڻ جو خواب ڏسندا هئا اڄ پي ٽي آءِ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي وئي آهي. آزاد ڪشمير ۾ انهن جو پنهنجو وزيراعظم هنن جي خلاف ئي گواهي ڏئي رهيو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته جنهن 9 مئي جي شهيدن ۽ انهن جي يادگارن سان اهو سلوڪ ڪيو اهو ڪٿي به لڪل هجي ٻڌي وٺي پاڪستاني قوم ۽ ڪشميري کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ان کي عبرت جو نشانو بنائي ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو