جيل ڀريو ملڪ کي تباهه ڪرڻ وارن خلاف جهاد تحريڪ آهي: عمران خان

جيل ڀريو ملڪ کي تباهه ڪرڻ وارن خلاف جهاد تحريڪ آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جيل ڀريو تحريڪ جي حوالي سان وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته سمورن پاڪستانين کي گذارش آهي ته پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ جيل ڀريو تحريڪ ۾ شامل ٿين.عمران خان جو چوڻ آهي ته هي تحريڪ ملڪ کي آزاد ۽ خوشحال پاڪستان بڻائيندي، پاڪستان تڏهن خوش ٿيندو جڏهن رياست اوهان جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪندي.هن پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو جيل ڀورو تحريڪ جهاد جو نالو آهي، آزادي جو نالو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته هن تحريڪ ۾ جيترا ماڻهو شرڪت ڪندا اوترو ئي پنهنجي مقصد تائين پهچنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو