پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي جو چوڻ آهي ته جيلن ۾ قيدين کي سزا گهٽ ڏيندا آهيون پر جيلر وڌيڪ سزا ڏيندا آهن.پشاور ۾ حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسرت هلالي چيو ته هن جيلن ۾ اهڙا منظر ڏٺا آهن جيڪي خدا ڪنهن کي نه ڏيکاريندو.پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته عدليه ۽ جيل ۾ مسئلن جو حل پهرين ترجيح آهي، خاص بينچ ٺاهي وئي آهي، جنهن جا نمايان نتيجا اچي رهيا آهن.واضح رهي ته جسٽس مسرت هلالي پهرين عورت آهي جنهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليو آهي.










