گلگت (ويب ديسڪ) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ آزادي مارچ وارن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان جيتري دير ويهن چاهيو ويهي رهو. اوهان جو کاڌو کٽو ته ڪجهه موڪليندس پر اين آر او ڪو نه ڏيندس. اهڙو اظهار هن گلگت جي آزادي جي ڏينهن جي نسبت سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مارچ وارا آزادي چاهن ٿا، مان چوان ٿو ته ميڊيا وارا وڃي هنن کان پڇن ته ڪنهن کان آزادي چاهين ٿا. هن چيو ته هي نئون پاڪستان آهي اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن اسلام جو نالو طاقت لاءِ استعمال ٿيندو هو، هي سوشل ميڊيا جو دور آهي هر ڪو سمجهي ٿو هنن جي چالن کي. هن نواز شريف کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن جا پٽ لنڊن ۾ اربن جي محلن ۾ رهن ٿا، حساب پڇون ٿا ته چون ٿا ته اسين پاڪستان جا شهري ئي ناهيون. اسحاق ڊار جو نالو کڻڻ کانسواءِ هن چيو ته سائيڪلن جي دوڪان وارو ارب پتي ٿي ويو. هي محلن م رهندڙ ڪرپٽ ماڻهو جيلن هوندا. هن چيو ته فضل الرحمان جي هوندي پرڏيهين کي سازش جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڀارتي ميڊيا مولانا کي ايتري ڪوريج پيو ڏئي ڄڻ هو ڀارتي شهري آهي.










