ڏھرڪي (قادر جٽ) زنده انسان ته گندي پاڻي ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري رهيا آهن پر مري ويلن جي قبرن مٿان به گندو پاڻي اچي ويو آهي. جنهن سبب قبرون بلڪل مسمار ٿي رهيون آهن ۽ ويهجي ويون آهن. ڏھرڪي جي تاريخي قبرستان تڪيو محمد پناهه جي حالت ٽائون انتظاميه جي لاپرواهي ۽ نا اهلي سبب شھر جو گندو پاڻي قبرستان ۾ داخل ٿي چڪو آھي جنهن ڪري سوين قبرون ڊهي مسمار ٿي ويون آھي ۽ گندو پاڻي قبرستان ۾ تلاء جي صورت ۾ بيٺل آھي. آس پاس جي آبادي وڏي عذاب ۾ آهي، هر طرف بدبوءِ ڦهليل آهي ۽ بيمارين جو سبب به بڻيل آهي.

شهرين چيئرمين منير مهر کي چيو ته ٽائون جي هر مهيني جي ڪروڙن جي بجٽ هضم ڀلي ڪريو پر مردن تي رحم ڪريو ۽ قبرستان مان فوري گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪريو.










