جوڻيجا ۽ دل برادرين ۾ جهيڙو پنج ڄڻا قتل ٽي زخمي

جوڻيجا ۽ دل برادرين ۾ جهيڙو پنج ڄڻا قتل ٽي زخمي

شڪارپور (رپورٽ عبدالخالق سومرو) شڪارپور ضلعي اندر قبيلائي تڪرارن ۾ ڪمي نه آئي جوڻيجا ۽ دل برادريءَ ۾ جھيڙوگولين لڳن سبب پنج ڄڻا قتل ٿي ويا . شڪارپور جي علائقي نئون امروٽ واري علائقي ۾ ڪاٺين ڪرڻ تان جوڻيجا ۽ دل برادري جي ٻن ڌرين ۾ ويڙهه گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻھون گولين جو کاڄ بڻجي ويا.جڏھن ته اهڙي واقعي سبب علائقي اندر خوف ڇانيل آھي ڪچي واري علائقي مان ڪاٺيون ڪرڻ تان جوڻيجن ۽ دل برادريءَ جي ماڻھن ۾ منهن ماري بعد خوني ويڙھ شروع ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دل برادري جا 2 ڄڻا ثناءُ اللّه دل ۽ عبدالله دل، جڏھن ته جوڻيجا برادري جا ٽي ڄڻا صدر جوڻيجو، رسول بخش جوڻيجو ۽ غلام اصغر جوڻيجو مارجي ويا، جڏھن ته عبدالفتاح جوڻيجو، جمشيد، نثار جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيا هوڏانهن اهڙي خطرناڪ خوني ويڙھ کانپوءِ ٻنهي ڌرين پاران لاش رکي سکر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻا هڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي ٻئي طرف حدن جي پوليس واقعن واري هنڌن تي پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال اماڻي ڇڏيا جڏھن ته ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ جاري آھي ٻئي پاسي ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي علائقي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ٻن ڊي ايس پيز جي سربراهي ۾ پوليس جي نفري واقعي واري ھنڌ موڪلي وئي ان حوالي سان ايس ايس پي ڪامران نواز جو چوڻ ھو ته افسوس ناڪ واقعي ۾ ملوث ڪردار قانوني گرفت کان ڪونه  بچي سگھندا ڪنھن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ نه ڏينداسين جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو