جوڻيجا موري وٽان زال مڙس جا وڻ ۾ ٽنگييل لاش هٿ

مٽياري)رياض چانڊيو( جوڻيجا موريء ڀرسان ٻٻرن جي ھڙهي مان زال مڙس جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، لاشن جي سڃاڻپ مٽياري ڀرسان ڳوٺ مجنو منگواڻو جي رھواسي 30 سالا ھارون منگواڻو ۽ سندس زال 25 سالا فھميدا منگواڻو طور ٿي. رات دير سان زمين کي پاڻي ڏيندڙ هارين وڻ ۾ لاش ٽنگيل ڏسي مٽياري پوليس کي اطلاع ڪيو. جنهن کانپوءِ پوليس لاشن کي کڻائي تعلقه اسپتال مٽياري پهچايو، اتي موجود مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته ٻنهي زال مڙسن کي مقتول ھارون جي چاچي غلام علي ۽ ٻين ڪارنهن تان قتل ڪيو آهي، ٻئي طرف مٽياري پوليس طرفان شڪ جي بنياد تي جوابدارن خلاف مختلف جڳھن تي ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو