اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي. جڊيشل ڪميشن جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ اڄ 3 رڪني ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق ۽ نعيم افغان ڪميشن جو حصو آهن. اٽارني جنرل منصور عثمان ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو ۽ کين گذريل ڏينهن جو عدالتي حڪم پڙهي ٻڌايو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جي قائدن موجب ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو آهي. ڪميشن جي حڪم نامي جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي. ڇا سپريم ڪورٽ جاچ ڪميشن جي حوالي سان ڪو حڪم نامو جاري ڪيو آهي.؟ ٿورو گهڻو آئين ته مان به ڄاڻان ٿو. ڪميشن معاملي ۾ ڌر هو، ان کي نوٽيس ڇو نه ڪيو ويو؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اوهان ڪالهه عدالتي ڪمري ۾ ڇو موجود هئا؟ اوهان کي نوٽيس ڪيو ويو هو يا ائين ئي ويٺا هئا؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته مون کي زباني ٻڌايو ويو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي بعد نوٽيس جاري ڪيو ويو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هڪ جج خلاف الزام تي سڌو ريفرنس وڃي ته هو سڄي زندگي لوڙيندو رهندو، شعيب شاهين هڪ وڪيل آهي. هر وقت ٽي وي تي تقرير ڪندو رهي ٿو، اسان کي قانون سيکارڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. شعيب شاهين ميڊيا تي تقريرون ڪيون پر عدالت ۾ اچڻ جي زحمت نه ڪئي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پرائيويسي هميشه گهر جي ٿيندي آهي. ڪنهن جي گهر ۾ جهاتي پائي نٿو ڏسي سگهجي. ٻاهر روڊ تي جيڪي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آهن ڇا اهي به پرائيويسي جي خلاف آهن؟ قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته اسان ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي نٿا ڪري سگهون، ڪارروائي جو حڪم نامو اڄ ئي جاري ڪنداسين.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان کي زندگي ۾ ڪجهه ڪم اهڙا به ڪرڻا پوندا آهن جيڪي اسان کي پسند نه هوندا آهن. اسان کي پٽينشرز ٻڌائي رهيا آهن ته حڪم امتناع آهي، اوهان ڪيس نٿا ٻڌائي سگهو، وڪيلن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کي دري کان ٻاهر اڇلي ڇڏيو آهي. اسان ڪجهه ڪم خوشي سان نه ڪندا آهيون پر حلف تحت ان کي ادا ڪرڻ جا پابند هوندا آهيون.










