جوهري هٿيار فاشسٽ مودي جي هٿن ۾،دنيا تحفظ جي ڳڻتي ڪري،عمران

جوهري هٿيار فاشسٽ مودي جي هٿن ۾،دنيا تحفظ جي ڳڻتي ڪري،عمران

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڀارت جي جوهري هٿيارن جي تحفظ بابت سخت ھڻتي ظاهر ڪندي دنيا تي زور ڀريو آهي ته هو ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو  ته دُنيا کي فاشسٽ، نسل پرست ۽ هندو برتري چاهيندڙ مودي سرڪار جي هٿن ۾ موجود ڀارت جي ائٽمي هٿيارن جي حوالي سان سوچڻ گهرجي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم جو بيان ڀارتي وزير دفاع راجناٿ سنگهه جي ان بيان جي ٻن ڏينهن بعد آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڀارت جوهري هٿيار اڳ ۾ استعمال نه ڪرڻ واري پاليسي جو انحصار پيد ٿيندڙ صورتحال تي هوندو. عمران خان چيو ته جهڙي ريت جرمنين تي نازين قبضو ڪيو هو، ائين ئي ڀارت تي هندو برتري جي خواهشمند، انتهاپسند ۽ نسل پرست نظرين جي قائل مودي سرڪار جو قبضو آهي. ٽوئيٽ بيان ۾ وزيراعظم لکيو ته مودي سرڪار گذريل ٻن هفتن کان 90 لک ڪشميرين کي ڪشمير ۾ قيد ڪري رکيو آهي، جنهن سموري دُنيا لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ۽ گڏيل قومن جي مبصرن کي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ والاريل ماٿري ۾ موڪليو پيو وڃي. هندو برتري جي خواهشمند مودي سرڪار نه رڳو پاڪستان، پر ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن ۽ نهرو توڙي گانڌي جي ڀارت لاءِ به خطري جي گهنٽي بڻجي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ڪير به گوگل تي وڃي سولائيءَ سان ناري نظرين ۽ بي جي پي/آر ايس ايس جي نشل ڪُش نظرين وچ ۾ هڪجهڙائي کي سمجهي سگهي ٿو. اڳ ئي 40 لک ڀارتي مسلمان حراستي ڪئمپس ۾ قيد يا شهريت جي خاتمي کي منهن ڏئي رهيا آهن، دُنيا کي انهي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جِن هاڻ بوتل مان ٻاهر نڪري چڪو آهي، ۽ جيڪڏهن عالمي برادري آر ايس ايس جي غنڊن جي ٽڪساٽن ذريعي نفرت ۽ نسل ڪُشي جي نظرين کي نه روڪيو ته اُهي اڃا به وڌي ويندا. عمران خان ٽوئيٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته دُنيا ڀارت جي ائٽمي هٿيارن جي تحفظ جي حوالي سان سوچي، ڇاڪاڻ جو اهي نسل پرست هندو برتري جي خواهشمند مودي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن. هي اهڙو مسئلو آهي، جيڪو نه رڳو خطي پر سڄي دنيا تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو