جون ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 64 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو

جون ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 64 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جون 2026ع ۾ ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ 64 ڪروڙ 90 لک ڊالرز خساري ۾ رهيو.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب، جون ۾ تجارتي خسارو مئي جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 3 ارب 55 ڪروڙ ڊالرز رهيو.انگن اکرن موجب، جون ۾ ملڪي برآمدات (درآمدون) مئي جي ڀيٽ ۾ 9 سيڪڙو وڌي 6 ارب 14 ڪروڙ ڊالرز رهيون، جڏهن ته برآمدات 10 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 2 ارب 38 ڪروڙ ڊالرز رڪارڊ ڪيون ويون.اسٽيٽ بينڪ ٻڌايو آهي ته جون ۾ تجارت، خدمتن (سروسز) ۽ آمدني جو گڏيل خسارو 4 ارب 34 ڪروڙ ڊالرز رهيو، جڏهن ته ورڪرز ترسيلي پئسا (پرڏيهي ناڻو) مئي جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو گهٽجي 3 ارب 47 ڪروڙ ڊالرز رهجي ويا، مئي 2026ع ۾ ورڪرز ترسيلي پئسا 4 ارب 37 ڪروڙ ڊالرز هئا.اسٽيٽ بينڪ موجب، مالي سال 2025-26 دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 ڪروڙ 90 لک ڊالرز رهيو.انگن اکرن موجب، مالي سال 2025-26 ۾ ملڪي برآمدات 5 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ 30 ارب 84 ڪروڙ ڊالرز رهيون، جڏهن ته مالي سال 2024-25 ۾ برآمدات 32 ارب 34 ڪروڙ ڊالرز هيون.اسٽيٽ بينڪ موجب، مالي سال 2025-26 ۾ درآمدات 9 سيڪڙو واڌ سان 64 ارب 46 ڪروڙ ڊالرز رهيون، جڏهن ته مالي سال 2024-25 ۾ درآمدات 59 ارب 14 ڪروڙ ڊالرز هيون.رپورٽ موجب، مالي سال 2025-26 ۾ تجارت، خدمتن ۽ آمدني جو خسارو 14 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 43 ارب 95 ڪروڙ ڊالرز رهيو، جڏهن ته ان ئي عرصي دوران ورڪرز ترسيلي پئسا 9 سيڪڙو واڌ سان 41 ارب 58 ڪروڙ ڊالرز رڪارڊ ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو