جولاءِ ۾ هدف کان 15 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس جمع ٿيو: ايف بي آر

جولاءِ ۾ هدف کان 15 ارب رپيا وڌيڪ ٽيڪس جمع ٿيو: ايف بي آر

اسلام آباد(بيورو)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2022ع ۾ هدف کان 15 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ٿيا.ايف بي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ روينيو جو هدف 443 ارب رپيا هو پر ايجنسي 15 ارب رپيا وڌيڪ يعني 458 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو.ايف بي آر موجب گذريل جولاءِ ۾ 417 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو ويو، اڪائونٽس جي ايڊجسٽمينٽ کانپوءِ جولاءِ جي انگن اکرن ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال جولاءِ ۾ ادا ڪيل رقم 28 ارب رپيا هئي، جڏهن ته گذريل سال جولاءِ ۾ 21 ارب رپيا واپس ڪيا ويا هئا.ايف بي آر موجب ٽيڪس روينيو ۾ اضافو فنانس ايڪٽ 2022ع ۾ متعارف ڪرايل قدمن جو نتيجو آهي، روينيو ۾ مقامي ٽيڪس جي شرح 55 سيڪڙو جڏهن ته امپورٽ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو آهي، مقامي ٽيڪسن ۾ واڌ جي شرح آهي. انگن اکرن موجب ملڪيتن جي وڪرو تي ايڊوانس ٽيڪس ۾ 118 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته تمباکو انڊسٽري تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 47 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي وئي.بيان موجب جولاءِ 2022ع دوران 67 ارب رپيا ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ گڏ ڪيا ويا، جڏهن ته انڪم ٽيڪس گوشوارن جي شرح 2020ع ۾ 3.0 ملين هئي جيڪا هاڻي 3.4 ملين تائين پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو