جولاءِ تائين 4616 لاپته ماڻهو بازياب، 2113 اڃا غائب، ڪميشن

جولاءِ تائين 4616 لاپته ماڻهو بازياب، 2113 اڃا غائب، ڪميشن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ مان گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل ڪميشن پنهنجي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏيندي ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال جولاءِ جي آخر تائين 4616 لاپته ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي. ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جون تائين ڪل لاپته ماڻهن جو انگ 6686 هو ۽ جولاءِ ۾ 43 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد جولاءِ جي آخر تائين انگ 6729 ٿي ويو هو. جنهن مان 4616 بازياب ٿيڻ بعد باقي لاپته ماڻهن جو انگ 2113 آهي.

سنڌ مان 500 ماڻهو لاپته آهن، آءِ جي سنڌ

سارنگ جويو گهر پهچي ويو، 80 کان مٿي اڃا گم

ڪميشن موجب گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ لاهور ۽ ڪوئٽا ۾ ٻڌڻيون مقرر ڪرڻ تي ڪم هلي پيو. ڊان ۾ شايع ٿيل بيان موجب گڏيل قومن پاران مليل 876 ڪيسز بازياب ٿيا آهن ۽ 256 جي بازيابي لاءِ ڪاروائي هلندڙ آهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي دوران اهڙا ثبوت به مليا آهن ته ڪيترا ماڻهو داعش ۾ ڀرتي ٿي شام ۽ افغانستان هليا ويا آهن. بيان موجب ڪيترن ئي لاپته ماڻهن جي خاندان وارن ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي ذاتي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي، جيڪو چيئرمين نيب جي ذميوارين سان گڏوگڏ رضا ڪارانه طور ڪميشن فار مسنگ پرسنز جي چيئرمين طور به مفت خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيلي جنس ادارن جي مدد سان ديانتداري سان ڪم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته سومر تي سينيٽ جي انساني حقن بابت فنڪشنڪل ڪميٽي ۾ طلب ڪرڻ باوجود جاويد اقبال شريڪ نه ٿيو هو جنهن تي ڪميٽي سخت ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو هو. ياد رهي ته سينيٽ ڪميٽي کي تاج جويو ٻڌايو هو ته 230 سنڌ جي لاپته ماڻهن مان 80 کان مٿي اڃا گم آهن. جڏهن ته آءِ جي سنڌ ٻڌايو هو ته صوبي مان 500 ماڻهو لاپته آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو