جوبائيڊن جو ايٽمي پروگرام بابت بيان غير ذميواراڻو آهي: سعد رفيق

جوبائيڊن جو ايٽمي پروگرام بابت بيان غير ذميواراڻو آهي: سعد رفيق

لاهور(ويب ڊيسڪ)هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق آمريڪي صدر جو بائيڊن جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته جوبائيڊن جو ايٽمي پروگرام تي بيان غلط، غير منطقي ۽ غير ذميواراڻو آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ سعد رفيق چيو ته پاڪستاني قوم آمريڪي صدر جو بائيڊن کان بيان واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ٿي.هن چيو ته پاڪستان هميشه ذميوار ايٽمي طاقت وارو سلوڪ ڪيو آهي، اسان وٽ محفوظ ترين ايٽمي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم آهي.سعد رفيق وڌيڪ چيو ته جنگجو رياستون ئي امن ۽ استحڪام لاءِ اصل خطرو آهن. سندس اهو به چوڻ هو ته پاڪستان هميشه تحمل جو مظاهرو ڪيو، ٻه طرفا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو